ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صوبي ۾ ٻوڏ جي آمد ۽ امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي پوليس خاص طور تي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ هوشيار ۽ الرٽ رهڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
آءِ جي سنڌ سنڌ طرفان ڪيل بيان ۾هدايت ڪئي ته ”برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کان اڳ هيٺين علائقن مان شهرين کي ريسڪيو ڪرڻ واري عمل ۾ وڌ کان وڌ حصو ورتو وڃي ۽ لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي پوليس وفاقي ۽ صوبي جي ادارن سان رابطي ۾ رهي“
هن چيو ”پي ڊي ايم اي، ضلعي ۽ مقامي حڪومتي نمائندن ۽ مشينري طرفان ريسڪيو عمل لاءِ طئي ڪيل حڪمت عملي ۽ قدمن بابت پنهنجي نفري کي آگاهه ڪيو وڃي.“
سندس چوڻ هو ته رهائشي علائقن ۽ عمارتن جي ويجهو موجود پوليس عملي کي آفيسن ۾ حاضر رهڻ گهرجي، ڪنهن به هنگامي صورتحال ۽ ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي سڀ وسيلا ڪتب آندا وڃن ۽ ريسڪيو سرگرمين ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو وڃي.
آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌو درياهه ۽ برساتي نالن جي ويجهو رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي.
ان کانسواءِ لاڳاپيل ٿاڻن ۽ ٻين ذريعن ذريعي شهرين کي امڪاني ٻوڏ جي آمد ۽ ريسڪيو قدمن بابت آگاهي ڏني وڃي.