لزبن (ويب ڊيسڪ) پرتگال جي صدر مارسيلو ريبيلو ڊي سوزا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي الزام هنيو آهي ته هو يوڪرين جنگ ۾ اڻ ڌرئي ٽياڪڙ جو ڊرامو ڪري رهيو آهي، حقيقت ۾ هو ماسڪو جي مفادن جي خدمت ڪندي روس جي ايجنٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ پرتگالي صدر چيو ته ٽرمپ يوڪرين لاءِ غير مشروط حمايت جي پاليسي تان ڦري ويو آهي، ٽرمپ ٽياڪڙ گهٽ ۽ اهڙو منصف وڌيڪ آهي، جيڪو رڳو هڪ ڌر سان ڳالهيون ڪندو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته واشنگٽن ۾ تازين ڳالهين ۾ يوڪرين۽ روس جي يورپي اتحادين کي شامل ٿيڻ لاءِ رستو ٺاهڻو پيو.
You might also like