ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪار ۽ اداڪار اذان سميع خان انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيترائي ماڻهو مٿس دٻاءُ وجهندا رهيا ته هو پنهنجي پيءُ گلوڪار عدنان سميع خان خلاف کليل بيان ڏيئي ۽ ساڻس لاتعلقي جو اظهار ڪري پر هن ائين ڪرڻ کان کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
هڪ انٽرويو دوران اذان سميع خان پنهنجي پيءُ سان لاڳاپن تي تفصيلي روشني وڌي ۽ چيو ته عدنان سميع جو پاڪستاني شهريت ڇڏڻ ۽ ڀارتي شهريت اختيار ڪرڻ سندن ذاتي فيصلو هو، جنهن سان سندس ڪو واسطو ناهي.
هن چيو ته سندس نانو ۽ ڏاڏو ٻئي پاڪستاني حڪومت ۾ اهم عهدن تي رهيا، پر بدقسمتي سان پيءُ پاڪستاني شهريت ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
اذان جو چوڻ هو ته والد سان ڪيترن ئي ڳالهين تي اختلاف ٿيندا آهن، پر پٽ طور هو هميشه سندس احترام ڪري ٿو ۽ ڪندو رهندو ڇو ته مذهب ۽ سماج ٻئي والدين جي عزت ڪرڻ سيکارين ٿا.
ادڪار چيو ته ملڪ لاءِ پيار سندس ترجيح آهي ۽ پاڪستان کيس سڀ کان مٿانهون آهي، جڏهن ته پيءُ جي ڪيترين ئي ڳالهين سان اختلاف رکڻ باوجود هو ڪڏهن به کائنس لاتعلق نه ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي ماڻهو هڪ پاسي سيڪيولر ٿيڻ جون دعوائون ڪندا آهن ٻئي پاسي کيس پيءُ جي ڪري مهڻا ۽ گاريون ڏيندا آهن.
اذان وڌيڪ چيو ته ڪيترائي ماڻهو بار بار کيس چوندا رهيا ته هو پيءَ کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ۽ سندس خلاف سوشل ميڊيا تي ڳالهيون ڪن، پر هو ائين نه ٿو ڪري سگهي.
ياد رهي ته عدنان سميع 2015 ۾ پاڪستاني شهريت ڇڏي ڀارتي شهريت اختيار ڪئي هئي.
اذان سميع خان: ”بابي غلطي ڪئي يا گناهه ڪيو، منهنجو ان سان ڪو واسطو ناهي، هو منهنجو پيءُ هو ۽ رهندو“
You might also like