اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 30 آگسٽ کان 4 سيپٽمبر تائين چين جو دورو ڪندو، جتي هو تيانجن ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب وزيراعطم چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقاتون ڪندو، هو ٻي عظيم جنگ ۾ فاشزم جي شڪست جي 80هين سالگرهه تي بيجنگ ۾ ٿيندڙ فوجي پريڊ ۾ شريڪ ٿيندو.
ترجمان چيو ته وزيراعظم جو دورو پاڪ – چين اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل آهي، دوري ۾ سي پيڪ فيز ٽو جي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ٿينديون.
You might also like