فوج تي تنقيد ۽ دشمن ملڪ جي سربراهه کي ” چاچو“ ڪوٺڻ تي وزيراعظم کي عهدي تان هٽايو ويو

بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائلينڊ جي آئيني عدالت ملڪ جي وزيراعظم پيٿونٿان شينوائت کي عهدو ڇڏڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته هوءَ وزيراعظمن لاءِ مقرر اخلاقي معيارن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
عدالت جو فيصلو اُن تڪراري ٽيليفونڪ ڪال تي ٻڌل هو جيڪا جون 2025 ۾ سامهون آئي هئي، جڏهن ٿائلينڊ ۽ ڪمبوڊيا ۾ شديد تڪرار ۽ سرحدي چڪريون جاري هيون.
ان گفتگو ۾ پيٿونٿان شينوائت ڪمبوڊيا جي اڳوڻي وزيراعظم هان سين کي ”انڪل“ سڏيو هو ۽ ملڪي جي فوجي قيادت، خاص طور تي هڪ جرنيل تي سخت تنقيد ڪئي هئي.
عدالت موجب، اِهو رويو قومي مفادن جي ابتڙ ۽ اخلاقي معيارن سان ٽڪراءُ وارو هو، تنه ڪري کيس عهدي تان هٽايو وڃي ٿو.
فيصلي کانپوءِ پيٿونٿان شينوائت جي ڪابينا ٽٽي وئي آهي، جڏهن ته نئين وزيراعظم چونڊجڻ تائين موجوده نائب وزيراعظم عارضي سربراهه طور ذميواري سنڀاليندو.
واضح رهي ته 38 ورهين جي پيٿونٿان شينوائت ٿائلينڊ جي تاريخ جي سڀ کان ننڍي عمر وزيراعظم هئي ۽ ان کانسواءِ هوءَ ملڪ جي ٻي عورت وزيراعظم پڻ هئي.
هوءَ اڳوڻي وزيراعظم ٿاڪسن شينوائت جي ڌيءَ ۽ اڳوڻي وزيراعظم ينگلڪ شينوائت جي ڀائيٽي آهي،
گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ هي پنجون ڀيرو آهي جو ٿائلينڊ جي وزيراعظم کي آئيني عدالت جي فيصلي ذريعي عهدو ڇڏڻو پيو آهي.
پيٿونٿان شينوائت آئيني عدالت جي فيصلي کي قبول ڪندي چيو ته ” مان ٿائلينڊ جي شهري طور پنهنجي ملڪ سان هميشه مخلص رهندس.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.