لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا غزا ۾ جنگ کي ڊيگهه ڏيڻ جي سبب اسرائيل کي پنهنجي سڀ کان وڏي دفاعي واپاري ميلي ”ڊفينس اينڊ سيڪيورٽي ايڪوئپمينٽ انٽرنيشنل 2025“۾ دعوت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي حڪومت جولاءِ ۾ اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن اسرائيل غزا ۾ انساني پيڙائون گهٽائڻ ۽ ٻين شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيا ته برطانيا فلسطيني رياست کي تسليم ڪندو، جنهن تي اسرائيلي حڪومت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.
ان فيصلي جي نتيجي ۾ اسرائيل پهرين ڀيرو لنڊن ۾ پنهنجو قومي پويلين منعقد نه ڪندو، پر اسرائيلي دفاعي ڪمپنيون جهڙوڪ البٽ سسٽمز، رافائيل، آءِ اي آءِ ۽ يو ويزن ذاتي حيثيت ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿيون.
ٽي مهينا اڳ پئرس ايئر شو ۾ فرانس اسرائيلي ڪمپنين جا اسٽال ڪارن پردن ڍَڪي ڇڏيا هئا، جنهن تي اسرائيل سخت ردعمل ڏنو هو.
برطانوي حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حڪومت جو غزا ۾ فوجي ڪارروائي کي وڌيڪ ڊيگهه ڏيڻ غلط آهي، تنهنڪري اسرائيلي سرڪاري وفد کي دفاعي واپاري ميلي جي دعوت نه ڏني ويندي.
You might also like