”ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار ۽ الرٽ رهو“ وڏي وزير جو انتظاميا کي حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پي ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميا ٻوڏ صورتحال لاءِ مڪمل تياري ڪرڻ ۽ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ فلڊ ايمرجنسي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، مخدوم محبوب زمان، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان گڏ آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري، مڪيش چاولا، محمد بخش مهر وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
ان کانسواءِ رائيٽ-ليفٽ بئنڪ علائقن جا اسيمبلي ميمبر ۽ ڊويزنل ڪميشنرز پڻ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ موجود هئا.
اجلاد دوران بريفنگ ڏني وئي ته پهرين سيپٽمبر کان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي ۽ ٻوڏ سبب 52 هزار کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته مٿاهين درجي جي ٻوڏ ۾ 50 هزار کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿي سگهن ٿا.
پي ڊي ايم اي جي اختيارين ٻڌايو ته اترين ضلعن ۾ 72 ۽ ڏاکڻي ضلعن ۾ 106 ريسڪيو ٻيڙين جو انتظام ڪيو ويو آهي، اسان وٽ مڇردانيون، ڪمبل، فرسٽ ايڊ ڪٽس، ڪچن سيٽ وڏي انگ ۾ موجود آهن، ميٽرس، پلاسٽڪ ميٽ، پورٽبل ٽوائلٽ، لحاف، سليپنگ ميٽ، خيما، ڊي واٽرنگ پمپس ۽ جنريٽرز به وڏي انگ ۾ موجود آهن.
اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته گڊو بئراج تي اربع کان خميس جي وچ واري رات 7 کان 8 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچي سگهي ٿو، ٻوڏ دوران انسانن ۽ جانورن کي ڪنهن به صورت نقصان نه ٿيڻ گهرجي.
وڏي وزير سنڌ اترين ضلعن ۾ ريسڪيو 1122 جا 30 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪرڻ، درياهن جي بندن تي 500 کان وڌيڪ ڪئمپ قائم ڪرڻ ۽ نجي شعبي کان به ضروري مشينري جو انتظام رکڻ جون سخت هدايتون ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.