جونيئر ذوالفقار سان گڏجي ڪرپشن ڪندڙن مان جان ڇڏائڻي پوندي:مرتضيٰ جتوئي

نوشهروفيروز(ن ع آ)اڳوڻي وفاقي وزير جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽نيشنل پيپلز پارٽي جي صوبائي صدر مسرور خان جتوئي جي 6ڪيسن جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ٿي ٽن ضلعن جي پوليس گھرائي شھر جي داخلي خارجي رستا بند ڪيا ويا اسپتال روڊ ۽ پڊعيدن روڊ مڪمل بند ڪرفيو وارو ماحول لڳي رھيو ھو،معزز عدالت اليڪشن واري ڏينھن جھيڙي ۾ فوت ٿيل بلاول زرداري جي ڪيس ۾ 17تاريخ ڏني  ۽ باقي ڪيسن ضياءالحسن لنجار ھائوس ساڙڻ واري ڪيس ۽ پوليس کي ڌمڪين ۽ ڦر جي ڪيسن ۾ 8تاريخ ڏئي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي ۔ڪورٽ مان ٻاھر اچڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته حڪمران اسان مان ايڏا پريشان آھن جو ھر تاريخ تي ٽن ضلعن جي پوليس گھرائي مون کي ڊيڄارڻ چاھين ٿا پر اھا انھن جي ڀل آهي، جيل ۽ ٿاڻا اسان جا ڏٺل آھن جيترو پوليس تي خرچ ڪن ٿا پوليس گھرائين ٿااھا پوليس گھرائي ڌاڙيلن سان وڙھي ته جيئن امن امان ٿئي ته ماڻھو سک جو ساھ کڻن،هن چيو ته  سنڌ جو عوام واڳن جي وات ۾ آھي ان لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي گڏجي واڳن جو وات بندڻو پوندو جونيئر ذوالفقار ڀٽو جي ملاقات بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ھن سان ملاقات بھترين ۽ اسان گڏجي ڪو وڏو اتحاد ٺاهي ھنن ڪرپشن خور چور لٽيرن مان جان ڇڏائڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.