پاڪستان کي اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪرپٽ حڪمرانن تباهه ڪيو آهي: لياقت بلوچ

ڪراچي/جيڪب آباد (رپورٽر) نائب امير جماعت اسلامي پاڪستان ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته پاڪستان کي اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪرپٽ حڪمرانن تباهه ڪيو آهي، جيڪڏهن  اڃان به ماڻهو نه جاڳيا ته مستقبل اونداهو ٿي ويندو، آئين کان انحراف ڪري، ماڻهن ۾ انتشار پيدا ڪرڻ لاءِ نون صوبن جو غير ضروري مسئلو اٿاريو پيو وڃي، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ظلم جاري آهن، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، سوين ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن، سنڌ ۾ بدامني توڙي ڌاڙيل راڄ عوام جي زندگي زھر ڪري ڇڏي آهي،اھڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي جيڪب آباد جي تحت مقامي هال ۾ 84 هين يوم تاسيس جي حوالي سان منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته  اڄ سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جون سهولتون تباهه ٿي ويون آهن.اقليتون ۽ ڪاروباري برادري غير محفوظ آهي. اڄ حڪمران نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪن ٿا پر اهي بااختيار مڪاني ادارا قائم ڪرڻ ۽ آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ کان قاصر آهن. ان موقعي تي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امدادالله بجاراڻي، قائم مقام ضلعي امير عبدالصمد ڪٽبر، ديدار علي لاشاري هدايت الله رند، عزيز پيرزاده پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.