سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ )ايس يو پي جي سربراهه سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن تاريخي جدوجهد ڪئي، اسٽيبلشمينٽ۽ حڪمران جماعت جي پاڻي، زمينن ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن کي ڌڪ رسايو، سڄي سنڌ اٿلي پئي ان ڪري پاڻي جا منصوبا وقتي طور روڪيا ويا، پ پ انهن منصوبن ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو، سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪندي سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته صدر غير آئيني طريقي سان 8 جولاءِ تي ڪينالن جو آرڊر ڪڍيو، پر منصوبه بندي ڪندڙن کي سنڌ جي ماڻهن جي طاقتور جدوجهد پسند نه آئي،سڀني ڏٺو ته مورو ۾ ڪهڙي نموني آپريشن ڪيو ويو، 50 کان وڌيڪ گرفتار ڪيا ويا، 30 ماڻهو جيلن ۾ آهن، جن جي ملاقات بند آهي، سيد زين شاهه 31 آگسٽ تي موري ۾ سڀ گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪندي سنڌ جي مالڪي ڪرڻ جو وچن ورجايو