پيپلز پارٽي نون ڊيمن جي حمايت ڪري رهي آهي:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ ماهه نور ملاح، علي محمد پرويز ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته موجوده ٻوڏ ڪا قدرتي آفت نه پر درياهن جي قدرتي وهڪرن ۾ هٿچراند جو نتيجو آهي. حڪمرانن جي نااهليءَ ۽ عوام دشمن منصوبابندي سبب غريب مسڪين عوام ڀوڳي رهيو آهي، هن مشڪل گهڙين ۾ پنجاب ۽ سرائيڪي وسيب جي عوام سان عوامي تحريڪ جي همدردي گڏ آهي. اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي نون ڊيمن جي حمايت ڪري سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، سنڌي قوم پنهنجي سنڌوء تي ڌاڙو برداشت نه ڪندي، اڳواڻن چيو ته پي ٽي آئي جي قيادت علي امين گنڊاپور کان ڊيمن جي حمايت وارو فيصلو واپس وٺرائي ڊيمن جي حمايت ۾ مهم هلائيندڙ ميڊيائي ادارا عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ کي ضايع قرار ڏيڻ ڪوڙ ۽ فراڊ آهي، سمنڊ کي گهربل مٺو پاڻي نه مليو ته سمنڊ ڪراچي، ٺٽي، سجاول ۽ بدين سميت سنڌ جي سموري ساحلي پٽي کي ڳيهي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.