پيپلز پارٽي کي ڪراچي سان دشمني ڇڏڻ گهرجي:حافظ نعيم

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان ايران جي ٻن ڏينهن جي دوري کان واپسي تي اداري نورحق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آئون  ڪراچي جي انتشار، شهرين جي سنگين مسئلن، سنڌ حڪومت ۽ قابض ميئر جي نااهلي ۽ بدانتظامي جي سخت مذمت ڪريان ٿو، پيپلز پارٽي کي پنهنجو ڪراچي مخالف رويو ڇڏي ڏيڻ گهرجي، ڪراچي جي مقامي حڪومتي ادارن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ 2001ع جي مقامي حڪومتي نظام کي لاڳو ڪرڻ گهرجي هن چيو ته آچر 31 آگسٽ تي پريس ڪلب کان گورنر هائوس تائين "حق ڪراچي مارچ” منعقد ڪيو پيو وڃي. سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. عالمي برادري کي ڀارت جي پاڻي جي جارحيت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.ٻوڏ جي صورتحال ۾، پنجاب حڪومت، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن جماعت اسلامي ۽ الخدمت فائونڊيشن جي رضاڪارن ڪي پي ڪي ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. اسان پنجاب ۾ متاثرين کي هر قسم جي مدد فراهم ڪنداسين. ان موقعي تي  منعم ظفر خان، محمد يوسف، سيف الدين ايڊووڪيٽ، محمد اسحاق خان، مسلم پرويز، عبدالله لوهاب، راجا عارف سلطان، ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد فاروق ۽ سيڪريٽري اطلاعات زاهد عسڪري پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.