فيض حميد خلاف سندس 2 ويجها ساٿي شاهد طور پيش

اسلام آباد/لاهور (اعزاز سيد/فخر دراني) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي جاري آهي، جتي ٻن اهم شاهدن کي پيش ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، ٽاپ سٽي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل پٽيشن ۾ برگيڊيئر نعيم فخر ۽ برگيڊيئر غفار جا نالا به هئا، جيڪي فيض حميد جا ويجها ساٿي ۽ ساڳئي وقت اهم عهدن تي فائز هئا. اطلاعن موجب، فيض حميد جي گرفتاري کان هڪ هفتي پوءِ ٻنهي کي به حراست ۾ورتو ويو، پر انهن خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي ناهي ٿي رهي. ٻنهي جي جاچ جي بنياد تي هاڻي اهي فيض حميد خلاف گواهه طور پيش ٿيا آهن. ذريعن ٻڌايو ته ڪورٽ مارشل ۾ پراسيڪيوشن جو ايگزيمينيشن ان چيف جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، شاهدن ۽ ثبوتن جو مرحلو به مڪمل ٿيڻ وارو آهي. ٻڌڻي ٽن ڏينهن تائين راولپنڊي ۾ لاڳيتو ٿي آهي. هن وقت تائين اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي شاهد طور پيش ڪرڻ جو ڪو منصوبو ناهي، پر ممڪن آهي ته ايندڙ مرحلن ۾ دفاع پنهنجو موقف پيش ڪري.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 29 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.