حڪومت جو دريائن جي فطري لنگهن تي اڏاوتون ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي ته درياهن جي فطري لنگهن تي اڏاوتن جي نقصان جو معاوضو ادا ڪرڻ ممڪن ناهي، غيرقانوني اڏاوتن جو ڪو ازالو ٿي نٿو سگهي، حڪومت آبي لنگهن تعمير جي اجازت نه ڏيندي، ،مستقبل ۾ فطري لنگهن تي اڏاوتون ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
وزيرآباد ۾ ٻوڏ جي صورتحال بابت ميڊيا بريفنگ دوران وفاقي وزير عطاالله تارڙ جو چوڻ هو ته حڪومت صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سرگرم آهي، ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني قوم هڪ ٿي وڃي ٿي.
هن چيو ته نيشنل ريسپانس خيبرپختونخوا ۾ به ڏنو ويو ۽ پنجاب ۾ به قدم کنيا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته ڏکين حالتن جي باوجود اسان شاندار ٽيم ورڪ ڪيو، جنهن جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ جاني نقصان ٿيو.
وزيراعظم شهباز شريف، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميا ۽ پاڪ فوج گڏجي ٻوڏ صورتحال ۾ ڪم ڪيو، اهڙا مثالي رابطا گهٽ ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
عطاالله تارڙ چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي سندن زندگيون بچايون ويونم ٽٽل روڊن جي سروي اڄ مڪمل ٿي ويندي، جڏهنته بجلي جا مسئلا به حل ڪيا پيا وڃن.
وفاقي وزير چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ سبب چوپائي مال جو وڏو نقصان ٿيو آهي، ان لاءِ به هڪ سروي ڪرايو ويندو، جنهن کانپوءِ مالڪن جي هر ممڪن سهائتا ڪئي ويندي.
عطاالله تارڙ چيو ته اسان کي احساس آهي ته ماڻهو مشڪل ۾ آهن، اسان جون همدرديون ساڻن گڏ آهن، ڪوشش آهي ته جيڪي ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، انهن کي جلدي سندن علائقن ۾ واپس پهچايو وڃي.
هن خبردار ڪيو ته اڃا به برساتن جو خطرو ٽريو ناهي، ماڻهن کي هن سلسلي ۾ آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، بيٺل پاڻي مان بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي، جنهن کان بچاءَ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.