انوراگ ڪيشپ جو سُشانت سنگهه بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلمساز انوراگ ڪشيپ سورڳواسي اداڪار سشانت سنگهه راجپوت بابت وڏو انڪشاف ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران انوراگ ڪشيپ ٻڌايوته سندس فلم ”نشانچي“ لاءِ سشانت پهرين پسند هو،
هن چيوته ” مون کيس فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو منصوبو رٿيو هو، پر ڌرما پروڊڪشنز جون ٻه وڏيون فلمون ملڻ کانپوءِ سشانت مون سان رابطو ئي ختم ڪري ڇڏيو.
فلمساز انوراگ ڪشيپ پنهنجي ايندڙ فلم”نشانچي“ جي رليز جي تيارين ۾ رڌل آهي، جنهن ۾ وينيت ڪمار سنگهه مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ايشوريا ٺاڪري فلم ذريعي ڊيبيو ڪري رهي آهي، اِها فلم 19 سيپٽمبر تي ڀارتي سئنما گهرن جي زينت بڻجندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.