خيرپور(عوامي آواز نيوز)سنڌودرياءَ ۾ چاڙهه سبب پير ڳوٺ،پريالوءِ ۽ احمد پور جي ڪچي جا 20 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن،متاثر ڳوٺن ۾ ڳوٺ شاهنواز خروس،پريل خروس،عزيز ناريجو،پيارل،عمر ناريجو،ڳوٺ مڱڻيجا ۽ ڳوٺ شر شامل آهن،علائقي ۾ خوراڪ،پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ طبي سهولتن جي کوٽ پيدا ٿي وئي،متاثر ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا متاثر علائقن لاءِ فوري طور امدادي ڪارروايون تيز ڪن،بندن جي مرمت جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيو وڃي جيئن امڪاني تباهي کي روڪي سگهجي