“چوڪين ۽ ناڪن باوجود منشيات ڪيئن ٿي اچي؟اي اين ايف سچائي ڏيکاري“

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ تعليمِي ادارن ۾ وڌندڙ منشيات جي استعمال بابت سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي۔ ڪميٽي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اينٽي نارڪوٽڪس فورس (ANF) صرف هڪ مهينو سنجيدگي سان ڪم ڪري ته ملڪ مان منشيات ختم ٿي سگهي ٿي، ڇو⁠ته هي اسان جي ايندڙ نسلن جو سوال آهي۔اجلاس جي صدارت راجا خرم نواز ڪئي، جڏهن ته اين ايف جي آفيسر برگيڊيئر عمران علي بريفنگ ڏني۔ چئيرمين ڪميٽي چيو ته اسلام آباد ۾ منشيات جي وڪري ۾ تيزي آئي آهي، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ آسانيءَ سان ملي رهي آهي، اڳ چيو ويندو هو ته اها افغانستان کان اچي ٿي، پر هاڻي اسلام آباد ۾ منشيات فروش ايترا طاقتور ٿي ويا آهن جو هڪ ڪائونسلر کي به قتل ڪري ڇڏيو آهي،ميمبر حاجي جمال شاهه چيو ته منشيات هر گهر جو مسئلو بڻجي چڪي آهي، وڏن گهرن کي خاص ٽارگيٽ ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي،شرميلا فاروقي چيو ته تقريبن هر گهٽي ۾ منشيات ملي ٿي، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به دستياب آهي، 32 ادارا ان خلاف ڪم ڪري رهيا آهن پر نتيجا صفر آهن، ايتري تائين جو “آئس پارٽيون” کلي عام ٿين ٿيون ۽ هر تقريب ۾ منشيات موجود هوندي آهي۔قادر پٽيل چيو ته منشيات بلوچستان ۽ سنڌ مان اچي ٿي، ايترا ناڪا ۽ چوڪيون هجڻ باوجود منشيات آخر ڪيئن اچي رهي آهي؟”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.