ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سُرجاني ٽائون ۾ شهري جي ڀت ڊاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جسٽس اقبال ڪلهوڙي عملدارن تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت رمارڪس ڏنا ته عملدارن کي نه خدا جو خوف آهي ۽ نه ئي پاڻ کي ڪنهن آڏو جوابده سمجهن ٿا، بغير ڀڃڪڙي ڪنهن جي ڀت ڪيئن ڊاهي سگهجي ٿي؟ عدالت حڪم ڏنو ته شهري جي ڊاهيل ڀت ٻيهر ٺاهي ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ ذميوار عملدار جيل وڃڻ لاءِ تيار رهن. ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر ايس بي سي اي عامر ڪمال جعفري کي فوري گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس کي سڏايو ويو، جنهن بعد هن معافي گهري ۽ يقين ڏياريو ته ڀت ٻيهر ٺاهي ويندي. عدالت ايس بي سي اي کي 15 ڏينهن اندر ڀت ٻيهر ٺاهڻ جي هدايت ڪئي.