ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ عورت کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي نادرا کي حڪم ڏنو آهي ته زونل بورڊ جو اجلاس گهرائي درخواست گذار جي تصديق ڪئي وڃي.
جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ آڏو زرينا نالي عورت کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ بابت نادرا عملدارن خلاف توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي عدالت نادرا عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي ريمارڪس ڏيندي چيو ته نادرا عملدارن جو عوام سان رويو بلڪل به ٺيڪ ناهي، نادرا ۾ ڪنهن جي ويريفڪيشن ۽ جاچ جو ڪهڙو نظام آهي؟ نادرا وٽ شهري کي ٽوڪن جاري ڪرڻ جو نظام ناهي؟
نادرا جي نمائندي چيو ته نادرا شهري کي ان جي واري لاءِ ٽوڪن جاري ڪري ٿو، عدالت ريمارڪس ڏنا ته ماڻهو پنهنجو ڪم ڇڏي نادرا آفيس وڃي ٿو ته اتي چيو وڃي ٿو اسان ماني کائي رهيا آهيون.
جسٽس محمد اقبال ريمارڪس ۾ شهرين کي پريشان نه ڪيو، اسان به نادرا عملدارن کي هتي عدالت ۾ ويهاري ڇڏيون پوءِ چئون ته سڀاڻي اچجو، اسان نادرا جي زونل بورڊ کي حڪم ڏنو هو ته درخواست گذار جي تصديق ڪري، نادرا جو زونل بورڊ ايترو ڪم به نٿو ڪري سگهي؟ درخواست گذار جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي سگهي ٿو يا نه؟
عدالت نادرا کي حڪم ڏنو ته اڄ ئي زونل بورڊ جو اجلاس سڏائي درخواست گذار جي تصديق ڪئي وڃي.
عدالت نادرا کان 15 ڏينهن اندر اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته عدالت مارچ 2025 ۾ ئي زرينا جي تصديق جو حڪم ڏنو هو، درخواست گذار جو رت جي رشتي ۾ ڪو به نه آهي، درخواست گذار عدالت کان اپيل ڪئي هئي ته مڙس سان گڏ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
ماڻهو پنهنجو ڪم ڇڏي نادرا وڃن ٿا ۽ کين چيو وڃي ٿو اسان ماني ٿا کائون: سنڌ هاءِ ڪورٽ
You might also like