خان صاحب جي سختيءَ باوجود بدقسمتي سان پارٽي معاملا ٻاهر اچي ويندا آهن: بيرسٽر گوهر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته کيس پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا جي استعيفيٰ اڃا تائين وصول ناهي ٿي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته عمران خان حڪم ڏنو هو ته ڪو به پارٽي ليڊر پبلڪ ۾ استعيفيٰ جو ذڪر نه ڪندو، سلمان اڪرم راجا سميت ڪنهن اڳواڻ کي پارٽي معاملن تي ٽوئيٽ نه ڪرڻ گهرجي، پارٽي جي اندران ڳالهيون ٻاهر اينديون آهن ته ماڻهو سمجهندا آهن اختلاف آهن، بدقسمتي سان ڪا نه ڪا شئي پارٽي جي اندران ٻاهر اچي ويندي آهي، جيڪا اسان جي خلاف استعمال ٿيندي آهي.
هن چيو ته سلمان اڪرم راجا جي استعيفيٰ جو ٻڌو آهي پر مان ان جو بيان ناهي پڙهيو، هن 26 نومبر تي به استعيفيٰ ڏني هئي جيڪا پوءِ واپس ٿي وئي هئي، لکت طور استعيفيٰ موجود ناهي پر ماڻهو فلمون نه هلائين پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ سنجيده معاملو آهي، جنهن جو حتمي فيصلو عمران خان پاڻ ڪندو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ضمني چونڊن تي ڪجهه شڪ شبها آهن، عمران خان جون هدايتون جيڪڏهن چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جون آهن ته ان جي ئي ڳالهه حتمي هوندي ۽ ان تي عمل ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.