وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ وڏو اسڪينڊل، هزار کان مٿي ليپ ٽاپ گم ٿي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف سامهون آيو آهي ته وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم فيز ٽو تحت ڏنل 1011 ليپ ٽاپ رڪارڊ مان گم آهن.
آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته انهن مان 784 ليپ ٽاپ برآمد ڪيا ويا آهن پر 227 ليپ ٽاپ اڃا تائين گم آهن، ان غفلت سان 12 ملين رپين جو نقصان ٿيو پر ذميوارن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي.
هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اختيارين بريفنگ ڏيندي چيو ته شروعاتي طور 179 ليپ ٽاپس جي ڊيٽا ۾ مسئلو هو، جيڪو هاڻ گهٽجي 143 رهجي ويو آهي، في الحال رڳو ڪراچي ۽ گورنمينٽ صادق ڪاليج وومين يونيورسٽي بهاولپور جا ڪيس جاچ هيٺ آهن.
ڪميٽي اختيارين کي هدايت ڪئي ته هڪ مهيني اندر سمورا ليپ ٽاپ واپس آندا وڃن، ٻي صورت ۾ نقصان جي رقم ذميوارن کان وصول ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.