ڪي اليڪٽرڪ سي اي او ۽ ٻيا ٻن ڀائرن جي موت جا ذميوار قرار

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ سي اي او ڪي اليڪٽرڪ مونس علوي ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن کي ناٿا خان گوٺ ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻن ڀائرن جي موت جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. پوليس شاهه فيصل ڪالوني ٿاڻي تي فوتين جي والد سلطان جي شڪايت تي ڪيس داخل ڪري شروعاتي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي۔ رپورٽ موجب 10 سالن جو سراج ۽ 20 سالن جو مراد برسات دوران بجليءَ جي زير زمين ڪيبل سان ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿيا، جڏهن ته ڪيس ۾ غفلت ۽ لاپرواهي جا دفعات شامل ڪيا ويا آهن. سراج کي ڪرنٽ لڳو ته مراد کيس بچائيندي بيهوش ٿي ويو، رستي تي پاڻي ۽ ٽريفڪ جام هجڻ سبب کيس اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ دير ٿي ۽ فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.