اسلام آباد: اردو يونيورسٽي ۽ ڪامسيٽس يونيورسٽي ۾ وڏي پيماني تي غير قانوني ڀرتين جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سوين غير قانوني ڀرتين جو انڪشاف ٿيو آهي.
اجلاس ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جا تحقيقي منصوبا 17 سالن ۾ مڪمل نه ٿيڻ جو معاملو به سامهون اچي ويو، ذيلي ڪميٽي يونيورسٽين ۾ غير قانوني ڀرتين جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪاميٽي جو اجلاس معين عامر پيرزادا جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد ۾ 544 غير قانوني ڀرتين جو معاملو زير بحث آيو.
آڊٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪامسيٽس يونيورسٽي غير قانوني طور 544 فيڪلٽي ميمبر مقرر ڪيا، آڊٽ اختيارين چيو ته انهن ڀرتين ۾ قانون لتاڙيا ويا، جڏهن ته ايڇ اي سي به انهن کي منظوري ڏني.
ڪميٽي ڪنويونر پڇا ڪئي ته جڏهن اشتهار نه نڪرندو ته ماڻهن کي نوڪريءَ جو ڪيئن پتو پوندو؟ اهل ماڻهو ڪيئن ڪاغذ جمع ڪندا؟
ڪميٽي ميمبر خواجا شيراز حسن چيو ته ڪامسيٽس يونيورسٽي ۾ ڪيترن ئي سالن کان اهم عهدن تي ماڻهو مقرر ناهن، هڪ سال کان امتحانن جي ڪنٽرولر جو عهدو خالي پيو آهي، جڏهن ته خزانچي 12 سالن کان غير قانوني طور ويٺل آهي، 12 سالن کان نئون خزانچي مقرر ڪرڻ جو عمل شروع نه ٿيو آهي.
خواجا شيراز وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي ۾ ڪيترن ئي سالن کان ريڪٽر جو عهدو به خالي آهي، يونيورسٽي انتظاميا ان عهدي کي خالي تسليم ڪيو آهي.
هن سوال اٿاريو ته يونيورسٽي ۾ سالن کان سرچ ڪميٽي ڪيئن هلندي پئي اچي؟ ايڇ اي سي جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال آهي.
سينيٽر سليم مانڊوي والا به پڇا ڪئي ته جيڪڏهن يونيورسٽين ۾ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي ته پوءِ ايڇ اي سي ڇا پئي ڪري؟
ڪميٽي غير قانوني ڀرتين جي انڪوائري جو حڪم ڏيندي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي اسلام آباد ۾ 57 ملازمن جي غير قانوني ڀرتي جو به انڪشاف ٿيو.
آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته يونيورسٽي ۾ 57 ماڻهو بنا ضرورت جي ڀرتي ڪيا ويا، 11 کي ته ڪنهن به خالي پوسٽ جي بنا نوڪري ڏني وئي.
آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته ايڇ اي سي گذريل 17 سالن ۾ 308 تحقيقي منصوبن جي منظوري ڏني هئي، جن لاءِ سرڪاري فنڊ به جاري ڪيا ويا پر ڪجهه منصوبا 17 سالن کان دير جو شڪار آهن، انهن لاءِ لڳ ڀڳ هڪ ارب رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا هئا.
آڊٽ اختيارين موجب اهي تحقيقي منصوبا مختلف محققن کي ڏنا ويا هئا، ڪميٽي منصوبا وقت سر مڪمل نه ٿيڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو.
خواجا شيراز چيو ته اها ڪهڙي ريسرچ آهي جيڪا 17 سالن ۾ به مڪمل ناهي ٿي؟ ڇا ايڇ اي سي وٽ ڪو طريقيڪار آهي؟
ايڇ اي سي چيو ته جيڪي ريسرچ مڪمل نٿا ڪن، انهن کي نوان منصوبا نه ٿا ڏنا وڃن.
ڪميٽي هڪ مهيني اندر جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.