لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ حماد اظهر ضمني چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڪيلو پٽ هجڻ جي حيثيت سان نٿو چاهيان ته منهنجي ماءُ هڪ ٻئي صدمي مان گذري.
ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ حماد اظهر پيءُ محمد اظهر جي لاڏاڻي سبب خالي ٿيندڙ سيٽ اين اي 129 تان ضمني چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته منهنجو فارم 47 جي پارليامينٽ جو حصو بڻجڻ جو ڪو ارادو ناهي، جيڪا جعلي ميمبرن سان ڀريل آهي.
سندس چوڻ هو ته گذريل ڀيري جڏهن منهنجي 82 ورهين جي پيءُ چونڊ وڙهي هئي ته کيس پوليس هراسان ڪيو، ان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، اڪيلو پٽ ۽ واحد مرد وارث هجڻ جي حيثيت سان نٿو چاهيان ته ماءُ هڪ ٻئي صدمي مان گذري.
حماد اظهر چيو ته مان ماءُ جي هدايت تي پنهنجي ڪزن چوڌري ارسلان ظهير کي نامزد ڪيو آهي، جيڪڏهن پارٽي منهنجي تڪ ۾ بائيڪاٽ جو فيصلو نٿي ڪري ته هو ارسلان ظهير اليڪشن وڙهندو.
Prev Post
You might also like