”ڪوڙا قسم نه کڻو“ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران غير قانوني اڏاوتن جي ڪيس ۾ ڏنڊ معافي جي درخواست رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ غير قانوني اڏاوتن بابت ڪيس ۾ ڏنڊ جي معافي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت درخواستگذار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻه لک رپيا فوري طور جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٻه لک رپيا ڏنڊ جي رقم معاف ڪئي وڃي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڏنڊ نه ڀريندو ته اها رقم ٻيڻي ڪري ڇڏينداسين.
جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي چيو ته توهان کي صبح سان ٻيو ڪو نه مليو ته عدالت هليا آيا آهيو، عدالت جو وقت ضايع ڪيو ويو.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته مان قسم ٿو کڻان منهنجي گهر آڏو غير قانوني اڏاوتون ٿي رهيون آهن، عدالت چيو قسم نه کڻو، اسان ڪيترائي ماڻهو ڪوڙا قسم کڻندي ڏٺا آهن.
پوءِ عدالت ڏنڊ معاف ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.