ڪراچي (ويب ڊديسڪ) اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان فضا علي بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڊانسر نورا فتيحي ۽ ملائيڪا اروڙا جي جسماني بيهڪ تي ٺٺول ڪندي چيو آهي ته مرد نورا فتيحي کي گهر۾ گهڙڻ تائين پٺيان تڪيندا رهندا آهن.
فضا علي ويجهڙ پنهنجي ٽي وي شو ۾ عورتن ۾ خوبصورتي وڌائڻ لاءِ پلاسٽڪ ۽ ميڪ اپ سرجرين جي وڌندڙ لاڙي تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
ان دوران هن عورتن جي جسماني بيهڪ بابت اڻ وڻندڙ گفتگو به ڪئي ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن ۽ شهرن سان واسطو رکندڙ عورتن جي نسوانيت جي هڪٻئي سان ڀيٽ پڻ ڪئي.
فضا علي جو چوڻ هو ته بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ سان واسطو رکندڙ عورتن جي جسماني بيهڪ ۽ خوبصورتي هڪٻئي کان مختلف آهي، پر ڪجهه ڇوڪرين جي خواهش هوندي آهي ته هو ٻي عورت جهڙي نظر اچي.
هن پنهنجي مثال ڏيندي چيو ته سندس تعلق ڪراچي سان آهي ۽ اتان جون ڇوڪريون سنهيون ۽ قداور هونديون آهن، جڏهن ته لاهور جون ڇوڪريون بُت ۾ ڀريل هونديون آهن ۽ ٻنهي جي نسوانيت مختلف آهي.
فضا علي موجب، جيڪڏهن ڪراچي جي ڪائي ڇوڪري اها خواهش ڪري ته هوءَ لاهور جي ڇوڪري وانگر ڀريل جسم واري نظر اچي ته اهو ناممڪن آهي ۽ لاهور جي ڇوڪري ڪراچي جي ڇوڪري وانگر سنهي ٿيڻ چاهي ته اهو به ممڪن ناهي.
ٽي وي ميزبان عورتن جي نسوانيت تي ڳالهائيندي بالي ووڊ اداڪارائن ملائيڪا اروڙا ۽ نورا فتيحي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اڄڪلهه اهڙي جسماني بيهڪ ٽرينڊ بڻجي ويئي آهي.
هن ٻنهي ڀارتي اداڪارائن جي جسماني بيهڪ تي تبصرو ڪندي نامناسب لفظ پڻ استعمال ڪيا ۽ چيو ته ٻنهي ” ٻُنڊڻن“ جون سرجريون ڪرايون آهن ۽ انهن جا ”ٻُنڊڻ“ پري کان ئي واضح نظر اچن ٿا.
فضا علي چيو ته ٻنهي اداڪارائن کي ڏسي ٻيون عورتون به اهڙيون خواهشون رکن ٿيون ته سندن ”ٻُنڊڻ“ به انهن جيان نمايان هجن ڇو ته عورتن کي لڳندو آهي ته مردن کي اها شيءِ وڻي ٿي.
اداڪارا چيو ته گهڻا مرد موبائل فون تي ريلز يا وڊيوز ڏسندي نورا فتيحي کي پٺيان ان وقت تائين ڏسندا رهن ٿا، جيستائين هوءَ گهر ۾ داخل نٿي ٿئي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن عورتون ڏسن ٿيون ته سندن مڙس نورا فتيحي کي پٺيان چريا لڳا آهن، ته پوءِ هو به پنهنجا ”ٻُنڊڻ“ وڏا ڪرائڻ جي خواهش ظاهر ڪن ٿيون.
فضا علي پاران ملائيڪا اروڙا ۽ نورا فتيحي سميت ٻين عورتن جي جسماني بيهڪ ۽ نسوانيت بابت گٿا لفظ استعمال ڪرڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدار کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو رهيا آهن.
You might also like