واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ – ڀارت جنگ روڪرائڻ جو ڪريڊٽ کڻندي چيو آهي ته ان ويڙهه ۾ 7 جهاز ڪيرايا ويا.
وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اها ويڙهه ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿيڻ جا خدشا هئا، ڏکڻ ايشيا ۾ صورتحال ان وقت بگڙي وئي هئي، جڏهن جهاز ڪيرايا ويا.
هن چيو ته اها هڪ نيڪسٽ ليول جنگ هئي، جيڪا ايٽمي ويڙهه ۾ تبديل ٿي پئي سگهي، ڇو ته ان ۾ اڳ ئي 7 جهاز ڪِري چڪا هئا.
سندس موجب مان ٻنهي کي چيو ته ڇا توهان واپار ڪرڻ چاهيو ٿا، جيڪڏهن توهان وڙهندا رهندئو ته اسان توهان سان واپار نه ڪنداسين، توهان وٽ 24 ڪلاڪ آهي، جنهن تي هنن چيو ته ٺيڪ آهي، هاڻ وڌيڪ جنگ نه ٿيندي.
You might also like