ڀارت ۾ تيار ڪيل سوزوڪي جي پهرين اليڪٽرڪ ڪار جيڪا ” جپان سميت سئو ملڪن ۾ ايسڪپورٽ ٿيندي“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي چيو آهي ته ”اڄ کان ڀارت ۾ ٺهيل اليڪٽرڪ گاڏيون 100 ملڪن کي ايڪسپورٽ ڪيون وينديون.“
گجرات ۾ هڪ تقريب سان خطاب ڪيو هن ڀارت، جپان ۽ گاڏين جي ڪمپني ماروتي سوزوڪي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ”2012 ۾ جڏهن مان گجرات جو وڏو وزير هئس تڏهن اسان ماروتي سوزوڪي کي هنسلپور ۾ زمين الاٽ ڪئي هئي، ان وقت به ميڊ اِن انڊيا جو ويزن هو.“
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته مودي جو چوڻ هو ته ”سوزوڪي جپان اڄ ڀارت ۾ گاڏين جي مينوفڪچرنگ ڪري رهي آهي ۽ جيڪي گاڏيون ٺهي رهيون آهن، اهي وري واپس جپان کي ايڪسپورٽ ٿي رهيون آهن.“
هن چيو ته مسلسل چئن سال کان ماروتي سوزوڪي ڀارت جي سڀ کان وڏي ڪار ايڪسپورٽر آهي ۽ ”اڄ کان اي وي ايڪسپورٽ کي به ان ئي بلندي تي وٺي وڃڻ جي تياري ٿي رهي آهي، هاڻي دنيا جي درجنين ملڪن ۾ جيڪا اي وي هلندي ان تي ميڊ اِن انڊيا لکيل هوندو.“
واضح رهي ته مودي سوزوڪي جي پهرين عالمي سطح واري بيٽري اليڪٽرڪ گاڏي”اي ويٽارا“ جي ڳالهه ڪري رهيو هو، جنهن کي اڱاري ڏينهن سندس طرفان باظابطا طور متعارف ڪرايو ويو.
ڀارت جي پي ايم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ان گاڏيءَ کي ”يورپ ۽ جپان سميت 100 کان وڌيڪ ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪيو ويندو.“
ڀارت چاهي ٿو ته سوزوڪي اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري لاءِ ”عالمي مرڪز جو ڪردار ادا ڪري.“

اي ويٽارا ۾ خاص ڇا آهي؟
جنوري ۾ سوزوڪي پنهنجي پهرين اليڪٽرڪ ڪار اي ويٽارا کي انڊيا موبيلٽي ايڪسپو 2025 ۾ پيش ڪيو هو ۽ ان کي پهريون ڀيرو نومبر 2024 ۾ اٽلي ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.
هڪ بيان ۾ سوزوڪي چيو هو ته اِها گاڏي ماروتي سوزوڪي جي گجرات پلانٽ ۾ تيار ڪئي پئي وڃي ۽ ان کي 2025 کان ڀارت، يورپ ۽ جپان ۾ وڪرو ڪيو ويندو.
ان موقعي تي سوزوڪي جي صدر چيو هو ته” اسان ڀارت ۾ پنهنجن سڀني وسيلن سان بيٽرل اليڪٽرڪ گاڏين جو ايڪو سسٽم ٺاهي رهيا آهيون جنهن ۾ چارجنگ جون سهولتون به شامل هونديون.“
اي ويٽارا جي خاصيتن ۾ ان جو ايس يو وي ڊيزائن آهي، هن ڪار ۾ اليڪٽرڪ فور وهيل ڊرائيو جو آپشن پڻ هوندو پر ڀارت جي مشهور آٽو ويب سائيٽ ”ڪار ديکو“ موجب ملڪ ۾ سپٽيمبر کان رڳو ان جو فرنٽ وهيل ڊرائيو ماڊل وڪرو ٿيندو جنهن جي قيمت 17 لک رپين کان شروع ٿيندي.
هيءَ ڪار بنا انجڻ جي هلندي آهي ۽ ان کي لٿيم آئرن فاسفيٽ بيٽري سان هلائبو جنهن لاءِ ٻارڻ بدران اليڪٽرڪ موٽر استعمال ڪئي ويندي، ان ۾ ليول ٽو ايڊوانس ڊرائيور اسسٽنٽ سسٽم (ايڊاس) به آهي، يعني اها مصنوعي ذهانت ذريعي ڊرائيور جي مدد ڪندي.
فور وهيل ڊرائيو واري ويئرينٽ ۾ هڪ جي بدران ٻه ”اي ايڪسل“ ڏنا ويا آهن ته جيئن اها تيزي سان رفتار پڪڙي سگهي، خراب رستن لاءِ هن ۾ ٽريل موڊ جو آپشن پڻ ڏنو ويو آهي.
سوزوڪي موجب، واهپيدار 49 ۽ 61 ڪلو واٽ هاور وارين ٻن بيٽريز مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري سگهن ٿا.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته اها هڪ لانگ رينج اي وي آهي، يعني توهان هڪ ڀيرو چارج ٿيڻ تي 500 ڪلوميٽر جو سفر ڪري سگهو ٿا.
هن ڪار کي ڪجهه ملڪن ۾ ڀارت کان به اڳ وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويو. جيئن جولاءِ کان اِها برطانيا ۾ وڪرو ٿي رهي آهي جتي ان جي لانچ پرائس 26 هزار 249 پائونڊ (اٽڪل 31 لک ڀارتي رپيا) کان شروع ٿئي ٿي.
اي ويٽارا ۾ ڇهه ايئر بيگ، الائي وهيلز، گلاس روف، 360 ڊگري ڪئميرا، ڊسپلي سسٽم، بلائنڊ اسپاٽ مانيٽر ۽ ٽريفڪ الرٽ جهڙا فيچرز به شامل آهن.

سوزوڪي جو ڀارت ۾ اٺ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان
پرڏيهي خابرو اداري روئيٽرز جي رپورٽ موجب، ڀارت ۾ ماروتي سوزوڪي جي ملڪيت جو سڀ کان وڏو حصو سوزوڪي جپان وٽ آهي.
جپان سوزوڪي موٽر جو چوڻ آهي ته اها ڀارت ۾ ايندڙ پنج کان ڇهه سالن ۾ اٺ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي.
ڪمپني اڳ ئي ڀارت ۾ پنهنجا 17 ماڊل تيار ڪري رهي آهي جيڪي 100 کان وڌيڪ ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪيا پيا وڃن.
روئيٽرز موجب، اڱاري واري اعلان کانپوءِ ماروتي سوزوڪي جي شيئرز جي قيمت ۾ اڍائي سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي ۽ اهي پنهنجي سڀ کان بلند سطح تي پهچي ويا.
ماروتي سوزوڪي جي سربراهه آر سي ڀرگوا چيو آهي ته ڪمپني ساليانو 50 هزار کان هڪ لک اليڪٽرڪ گاڏيون ايڪسپورٽ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڀارت ۾ اڃا تائين اي ويٽارا جي متعارف ڪرائڻ جي تاريخ ناهي ڏني وئي، ڇو ته بيٽرين جي قيمت وڌيڪ آهي جنهن ڪري مقامي خريدارن لاءِ ڪار مهانگي ثابت ٿي سگهي ٿي.
يادرهي ته ويجهڙائي وارن سالن دوران ڀارت ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري ۾ تيزي آئي آهي، ڀارتي حڪومت 2030ع تائين ملڪ ۾ 30 سيڪڙو اي ويز جو هدف مقرر ڪيو آهي پر في الحال اها شرح رڳو ساڍا چار سيڪڙو آهي.
سوزوڪي جپان جي صدر جو چوڻ آهي ته گجرات پلانٽ ۾ 10 لک يونٽس ٺاهڻ جي صلاحيت هوندي يعني اهو دنيا ۾ گاڏين جي تياري جي سڀ کان وڏن مرڪزن مان هڪ بڻجي ويندو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.