ڪراچي: ڊرگ روڊ انڊر پاس ۾ بس جو موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر، عورت سميت 3 ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
افسوسناڪ حادثو ڊرگ روڊ انڊر پاس ۾ پيش آيو، ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ماڻهن کي مزدا مني بس ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ عورت زخمي به ٿي.
پوليس مزدا ڊرائيور کي گرفتار ڪري گاڏي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.