ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا کان پشاور تائين هلندڙ مسافر ٽرين جعفر ايڪسپريس کي ٻن ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي.
ريلوي جي هڪ سينيئر اهلڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته معطلي سبب جعفر ايڪسپريس سومر جي صبح ڪوئيٽا کان پشاور لاءِ رواني نه ٿي سگهي.
هن وضاحت ڪئي ته جعفر ايڪسپريس کي 25 ۽ 26 آگسٽ تي سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي بند ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ به 11 کان 14 آگسٽ تائين سيڪيورٽي سببن جي ڪري ٽرين سروس معطل ڪئي وئي هئي.
ياد رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن حملو ڪيو هو، جنهن ۾ فوجي اهلڪارن سميت 31 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا، جڏهن ته آپريشن دوران 33 دهشتگرد پڻ ماريا ويا هئا، ان حملي ذميواري ” فتنه الهندوستان“ قبول ڪئي هئي.