رضوان ۽ شان کان ڪپتاني کسڻ جون تياريون؟ پي سي بي به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) قومي ٽيم جي قيادت بابت سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا ۾ هلندڙ افواهن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته محمد رضوان جي جاءِ تي سلمان علي آغا کي ون ڊي ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ ۽ شان مسعود جي جاءِ تي سعود شڪيل کي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڏيڻ جون خبرون بي بنياد آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته نه ئي سيلڪشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهڙو ڪو معاملو بحث هيٺ آيو ۽ نه ئي ڪنهن رانديگر جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڪيٽيگري ۾ ڪا ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي ڪپتاني سميت سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ تبديلي بابت هلندڙ افواهن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خبر سامهون آئي هئي ته قومي ٽيم جي دبئي روانگي کان اڳ پي سي بي ٿنڪ ٽينڪ ۾ ابتدائي مشاورت ٿي، جنهن ۾ رضوان جي جاءِ تي سلمان علي آغا کي ون ڊي ۽ شان مسعود جي جاءِ تي سعود شڪيل کي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڏيڻ بابت ويچاريو ويو هو.
ذريعن جو اهو به چوڻ هو ته شان مسعود کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ بي ڪيٽيگري مان ڊي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو سندس ڪپتاني لاءِ خطري جي نشاني آهي، جڏهن ته سيلڪشن ڪميٽي سلمان علي آغا ۽ سعود شڪيل کي ڊگهي عرصي لاءِ قيادت ڏيڻ جي حامي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.