هانوي (ويب ڊيسڪ) ويٽنام ۾ طوفان ”ڪاجيڪي“ هوريان هوريان سامونڊي ڪنارن کان ملڪ جي اندروني علائقن ڏانهن وڌي رهيو آهي، جنهن سبب تيز برساتن سان گڏ اٽڪل 133 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُهلي رهيون .
ويٽنامي اختيارين موجب اميد آهي ته طاقتور هوائن جو زور جلد گهٽجي ويندو.
پر بي بي سي چوڻ آهي ته تيز برساتن جا اثر ڊگهي وقت تائين محسوس ٿيندا.
حڪومتي انگن اکرن موجب طوفان سبب 5 لک 86 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جتي اسڪولن ۽ ٻين سرڪاري عمارتن کي عارضي پناهه گاهه ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
ملڪ جي ڇهن صوبن ۾ لڳ ڀڳ 400 وسندين ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي خطري سبب هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب،طوفان جي شدت سبب ٿان هوا ۽ قوانگ بنا صوبي جا ايئرپورٽ بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ويٽنام ايئر لائنز ۽ ويٽ جيٽ جون ڪيترائي اُڏامون رد ڪيون ويون آهن.
ياد رهي ته هڪ سال اڳ طوفان ”ياگي“ به ويٽنام ۾ تباهي مچائي هئي، جنهن سبب اربين ڊالر جو نقصان ۽ 15 لک ماڻهو بجلي کان محروم ٿي ويا هئا.
ان طوفان ۾ رڳو ويٽنام نه پر ٿائيلينڊ، ميانمار ۽ لائوس به متاثر ٿيا هئا ۽ 500 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا هئا.
ويٽنامي اختيارين جو چوڻ آهي ته ”ڪاجيڪي“ به گذريل سال واري طوفان وانگر طاقتور آهي، متاثر ٿيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته هنن پنهنجي زندگيءَ ا يڏو وڏو طوفان ڪڏهن به ناهي ڏٺو.
You might also like