فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي مرڪزي اڳواڻن سميت 75 جوابدارن کي 9 مئي تي رانا ثناءُ االله جي گهر تي حملي واري ڪيس ۾ قيد جون سزائون ٻڌائي ڇڏيون.
عدالت طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب، شبلي فراز، زرتاج گل، ڪنول شوزب، احمد چٺه، راءِ حسن نواز، انصر اقبال ۽ بلال اعجاز سميت 59 جوابدارن کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
ان کانسواءِ ساڳئي ڪيس ۾ ٻين 16 جوابدارن کي 3، 3 سال قيد جون سزائون ٻڌايون ويون آهن، جڏهن 109 مان 34 جوابدارن کي بري ڪيو ويو، بري ٿيندڙ جوابدارن ۾ فواد چوڌري ۽ زين قريشي به شامل آهن.
پي ٽي آءِ طرفان ان ڪيس ۾ ٻڌايل سزائن کي ”ناانصافي“ قرار ڏنو ويو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري جو چوڻ آهي ته ” 9 مئي جي آڙ ۾ عام شهرين، سندن گهرڀاتين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان نه رڳو ناانصافيون ٿي رهيون آهن پر کين هيسايو پيو وڃي، زندگيون برباد ڪيون پيون وڃن ۽ مٿن تي ناقابلِ تصور ظلم ڪيا پيا وڃن.“
راڻا ثناءُ الله جي گهر تي حملي واري ڪيس ۾ عمر ايوب، شبلي فراز ۽ زرتاج گُل سميت 59 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا
You might also like