اسلام آباد (جاويد چوڌري) ولاگر جاويد چوڌري کي انٽرويو ڏيندي ڪيپٽن صفدر چيو آهي ته نواز شريف سان ڪا ٺڳي ناهي ٿي، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ سندس پنهنجا آهن، ان لاءِ اڻ سڌي ريت هو پاڻ ويٺو آهي. هو شين کي ڏسي رهيو آهي ته فيصلو ڪري رهيو آهي. عمران خان جي زال کي جيل ۾ رکڻ جي حق ۾ نه آهيان، ماڻهو پاڻ تڪليف کڻي وٺندو آهي پر پنهنجي گهر جي ڪا عورت تڪليف ۾ هجي، اهو ڏکيو هوندو آهي. ان ڪرب مان عمران خان کي ڪڍڻ گهرجي، هو مرد آهي، جيل ڪاٽيندو، ٻين سياستدانن به ڪاٽي آهي. کڻي دشمن ڇو نه هجي، عورتن سان ائين نه ڪرڻ گهرجي. عمران خان جي گهرواري، سندس پوٽا، ڏوهٽا، ٻار آهن، اهي تڪليف ۾ نه هجڻ گهرجن. سياستدانن تي جيترا به ڪيس ٺاهيو، آخرڪار اهو ٻاهر اچي ويندو آهي. نواز شريف تي به ڪوڙا ڪيس هئا پر پوءِ عدالتن پاڻ ئي ختم ڪري ڇڏيا. شريف ڪٽنب ڪو جج يا بينچ ته نه آهن، هنن جي اختيار ۾ ڇا آهي؟ کين خبر آهي ته اڄ حڪومت آهي ته سڀاڻي اپوزيشن هوندي، ڪڏهن جيل به هوندي آهي. شريف ڪٽنب جي عورتن ۽ ٻارن کي به گرفتار ڪيو ويو هو. رياست آئين ٺاهيو آهي ته سياسي کي هلائڻ لاءِ ميثاق لکڻو پوندو. سڀني سياسي پارٽين کي سياست کي هلائڻ لاءِ ميثاق لکڻو پوندو ته سياست کي ڪيئن هلائڻو آهي. عدالتن ڀٽو کي ڦاهي ڏئي پوءِ چيو ته اهو غلط هو، مان ڪيئن چوان ته عمران خان خلاف ڪيس صحيح آهن يا غلط آهن؟ عدالتون فيصلو ڪنديون. وڪيلن کي ان جي خبر هوندي آهي، عمران خان جي وڪيلن جي ٽيم کي گهرجي ته اهي تيزي سان معاملا اڳتي وڌائين، اهي دير ڇو ڪري رهيا آهن. مريم نواز مون جهڙي سخت شخص سان سٺي زندگي گذاري آهي. گهڻو ڪري ساڻس جهيڙا ٿيندا آهن پر هو لحاظ رکندي آهي پوءِ مون کي احساس ٿيندو آهي. منهنجو مزاج ڳوٺاڻو آهي، هن جو مزاج شهري آهي. ننڍين ڳالهين تي اختلاف رهندو آهي. ڊرامو ڪهڙو هلايون، يا ٿورڙو گوڙ به پريشان ڪندو آهي پر هاڻي ڏاڍو ڊڄندو آهيان ته آءِ جي پنجاب گرفتار نه ڪري وٺي. مريم نواز کي ڪپڙا پهرڻ ۽ اهڙين شين جي سمجهه آهي، هو جيڪو پهريندي آهي کيس ٺهندو آهي. سڀ پتا هن وقت به نواز شريف وٽ آهن، راند اڃا به ان وٽ آهي، هو گيم مان آئوٽ ٿي ويو ته ملڪ کي نقصان ٿيندو. جيڪا غلطي عمران خان 9 مئي تي ڪئي، ان کي ڪير برداشت ڪندو. نواز شريف ملڻ به چاهي ته مان کيس روڪي ڇڏيندس. ميان صاحب چوڌري نثار کان ناراض ناهي، اهڙن ماڻهن کي سياست ۾ هجڻ گهرجي، هو اسان جو اثاثو آهن. سردار مهتاب کي به هجڻ گهرجي. نواز شريف وڏي دل وارو آهي، ملڪ لاءِ ڪنهن کي پري ناهي ڪندو، هي ماڻهو نواز شريف جي ڏکئي وقت جا ساٿي آهن. ملڪ کي اڳتي وٺي ويندا، شاهد خاقان عباسي به سٺو ماڻهو آهي. نواز شريف جو مزاج اهڙو آهي جو اهڙن ماڻهن کي وساريندو ناهي. وقت ايندو جو سڀ گڏ ويٺا هوندا.