نون صوبن بدران اين ايف سي اهم مسئلو آهي:خرم دستگير

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگ جي سينئر اڳواڻ خرم دستگير چيو آهي ته  آئين اهو چوي ٿو ته نون صوبن جي سلسلي ۾ جنهن صوبي ۾ نئون انتظامي يونٽ بڻايو ويندو ان لاءِ ان جي صوبائي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان قرارداد منظور ڪرڻي هوندي آهي اهو ڪو آسان ڪم ناهي،ان ڪري سياسي جماعتون صوبن جي اشو تي گهٽ ڳالهائي رهيون آهن،ان لاءِ وڏي آئيني رڪاوٽ آهي،هن چيو ته هر پنج سال بعد اين ايف سي تي نظرثاني ٿيڻي هوندي آهي،خرچن جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن کي شيئرنگ ڪرڻي پوندي،گهڻن قدمن ذريعي وفاق تي بار گهٽائي سگهجي ٿو،مالياتي معاملن ۾ صوبن کي وڌيڪ ذميواري ڏيڻي آهي،هن چيو ته اصولي طور تي انتظامي يونٽ بڻائڻ ۾ ڪو مسئلو نه هئڻ گهرجي،پوري دنيا ۾ ان تي ڪم ٿيو آهي،نون صوبن لاءِ معيار تي اتفاق راءِ ٿيڻ گهرجي،پنجاب جيترو وڏو صوبو آهي اتي اوتري وڌيڪ بهتر حڪمراني آهي،ٻين صوبن ۾ ائين ناهي،ڪي پي،سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بهتر حڪمراني ناهي،هن چيو ته نوان صوبا ٺهيا ته سينيٽ اف پاڪستان جو ڇا ٿيندو،نوان صوبا ٺهيا ته هر صوبي کي سينيٽ ۾ برابر نمائندگي ڏيڻي آهي،سينيٽ کي ڪيترو وڏو ڪندا؟جيڪڏهن پنجاب کي ٽوڙيندا ته سينيٽ ۾ پنجاب جي اڪثريت ٿي ويندي،ان سبب ڪري ئي نون صوبن بدران اين ايف سي تي وڌيڪ بحث ٿي رهيو آهي،هن چيو ته نون صوبن بدران صوبائي فنانس ڪميشن قائم ڪري هر ضلعي ۾ آبادي جي بنياد تي ترقياتي فنڊ ڏنا وڃن ٻيو ته مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻو پوندو،بااختيار مڪاني نظام ڏيڻ سان نون صوبن جو اشو نه اٿندو،پنجاب ۾ آخري ڀيرو ن ليگ جي حڪومت مڪاني حڪومتن جون چونڊون ڪرايون هيون،هن چيو ته اين ايف سي ۾ صوبن جي 58 سيڪڙو شيئر ۾ آزاد ڪشمير،گلگت بلتستان ۽ فاٽا کي فنڊ ڏيڻا پوندا،بي آءِ ايس پي ۾ به صوبن کي شيئر ڏيڻ جي تجويز غور هيٺ آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.