ڪراچي (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ نيشنل پيپلزپارٽي چيئرمين غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ جونيئر ذوالفقار ڀٽو ڪراچي ۾ جتوئي هائوس تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مسرور خان جتوئي به موجود هو. ٻنهي اڳواڻن سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ جونيئر ذوالفقار ڀٽو، غلام مرتضيٰ جتوئي، مسرور جتوئي ۽ سندس ڪٽنب تي داخل ڪيسن جي مذمت ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن مستقبل ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي گڏيل جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. جونيئر ذوالفقار ڀٽو پنهنجي سياسي سرگرمين کي تيز ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته غلام مرتضيٰ جتوئي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ملاقات ۾ مسرور جتوئي، سيد احمد علي شاهه، شڪيل جلباڻي، راضي خان جتوئي ۽ ٻيون سياسي شخصيتون پڻ موجود هيون.