نيو يارڪ/اسلام آباد (امتياز گل) ولاگر امتياز گل کي سوالن جا جواب ڏيندي عدالتن جي خبرن سان لاڳاپيل ثاقب بشير چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ سڀ کان اهم ڪيس 26هين ترميم خلاف 12 کان وڌيڪ درخواستون التوا هيٺ آهن. 26هين ترميم سموري نظام کي ڌوڏي ڇڏيو. عدليا جي اختيارن کي ائين ورهايو ويو ڄڻ اها حڪومت جو ماتحت ادارو آهي. ٻيو وڏو ڪيس ملٽري ڪورٽس جو ڪيس آهي جنهن ۾ سويلين جي ٽرائل کي سپريم ڪورٽ اپيل ۾ درست قرار ڏئي چڪي آهي. 26هين ترميم سان جيڪا آئيني بينچ قائم ٿي، ان سان ائين ٿيو ته سپريم ڪورٽ چيو ته سويلين عدالتون ان قابل ناهن ته انهن ڪيسن جو ٻڌڻيون ڪري سگهن، ان ڪري فوجي عدالتون ٻڌن. عدليا جي تاريخ ۾ ان فيصلي جي وضاحت عدليا به نه ڪري سگهندي. ان ڪيس تي نظرثاني جون درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهن. ٽيون وڏو ڪيس ججن جي بدلين جو آهي، صدر جو بدلين جو اختيار اڳ ڪڏهن استعمال نه ٿيو هو جيڪو استعمال ٿيو ۽ ان ۾ بدنيتي جو عنصر نظر اچي ٿو. معاملو سپريم ڪورٽ ۽ آئيني بينچ سامهون رکيو ويو هو، اهو تاثر پيدا ٿيو ته جن 6 ججن خط لکيو هو انهن کي خط لکڻ جي سزا ڏيڻي هئي. 9 مئي بابت ڪميشن ٺاهڻ جون عمران خان جون درخواستون التوا هيٺ آهن. 8 فيبروري جي چونڊن بابت ڪميشن ٺاهڻ جون درخواستون التوا هيٺ آهن، انهن تي ڪا جوڳي اڳڀرائي ناهي ٿي. هي سڀ اهم ڪيس آهن جن جو اثر سياست سميت سموري نظام تي پوي ٿو. 6 ججن خط ۾ چيو هو ته مداخلت ٿي رهي آهي، ان وقت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪميشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني انڪار ڪيو هو ته سو موٽو ورتو ويو هو. اهو سو موٽو اڄ به التوا هيٺ آهي. ٽرانسفر ججز جي ڪيس ۾ ان ڪيس جو حوالو ڏنو ويو ته بدنيتي جو عنصر نظر اچي ٿو، 6 ججن خلاف مهم هلائي وئي، ريفرنس داخل ٿيا، هاڻي جج بدلي ڪيا ويا ته سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ٻڌي ئي نه رهي هئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو جيڪو ڪردار ٺهندو هو ان ۾ هن ڪردار ادا نه ڪيو پر ان جي ابتڙ ڪردار ادا ڪيو. 6 ججن سان چيف جسٽس جي ملاقات ۾ ائين رويو رکيو ويو ڄڻ هو ڪي ڏوهي آهن. جڏهن لائيو ٻڌڻي ٿيندي هئي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ائين ڪيس کي اڳتي وڌايو ڄڻ ڪو ججن جو ڏوهه آهي. 5 ججن ٽرانسفر واري معاملي کي چئلينج ڪيو آهي ۽ نشاني تي به آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر واجد علي جيلاني 27هين ترميم جي حمايت ڪري چڪو آهي، ان چيو هو ته بدلي جي معاملي ۾ لاڳاپيل جج کان ”ڪنسينٽ“ وارو لفظ آئين مان 27هين ترميم مان ڪڍيو ويندو جنهن جو مقصد انهن 5 ججن کي مختلف هنڌن تي موڪلڻ هوندو. جن ججن هن نظام خلاف ڳالهايو، مداخلت جي نشاندهي ڪئي، انهن کي اهڙو مثال بڻائڻو آهي جيئن اڳتي ڪنهن جي همت نه ٿئي.