حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اسان سنڌ جي هر ضلعي ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو آهي.
حيدرآباد ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته اين آءِ سي وي ڊي جو سڄي صوبي ۾ نيٽ ورڪ آهي، حڪومت طرفان مفت علاج ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته جناح اسپتال ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ۾ جديد سهولتون آهن، نوان اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيون پيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته پيپلز بس، پنڪ بس ۽ اليڪٽرڪ بسون عوام کي جديد سفري سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن، سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن ذريعي 21 لک گهر تعمير ڪيا پيا وڃن، 2 لک کان وڌيڪ گهراڻن کي سولر سسٽم فراهم ڪري رهيا آهيون.
عوام کي مفت علاج، جديد سفري سهولتون، سولر سسٽم فراهم ڪري رهيا آهيون: شرجيل ميمڻ
You might also like