لاهور وارا پشاور ۽ ڪراچي ڏسن، کين فرق جي خبر پئجي ويندي: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته لاهور وارا پنهنجي شهر مان نڪري ڪراچي ۽ پشاور کي ڏسن، فرق جي خبر پئجي ويندي.
لاهور ۾ اين اي 129 جي ضمني اليڪشن جي سلسلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ ڪو صوبو اهو نٿو چئي سگهي ته اختيار ۽ وسيلا ناهن مليا.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف جي مسلسل ٽين حڪومت هلي رهي آهي، جيڪڏهن هڪ ارب وڻ پوکين ها ته ايڏي تباهي نه ٿئي ها.
سندس چوڻ هو ته 350 ڊيم ٺاهڻ جي دعويٰ آهي ۽ ڪنهن کي انهن ڊيمن جي نالن جي خبر ناهي، نواز شريف پنهنجي دور ۾ ڪالا باغ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي سياست جي ور چاڙهيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.