ٽرمپ جي موقف کي سنجيدگيءَ سان ڏسو: آمريڪا جي ڀارت کي وري تنبيهه

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن بابت اڳوڻي آمريڪي سفير ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي ريپبلڪ ساٿي نڪي هيلي ڀارت کي روسي تيل جي درآمدن تي سخت تنبيهه ڪندي چيو آهي ته نئين دهلي کي ان مسئلي تي جلد کان جلد وائيٽ هائوس سان گڏجي ڪوئي حل ڪڍڻ گهرجي.
آچر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نڪي هيلي چيو ته ڀارت کي روسي تيل جي معاملي تي ٽرمپ جي موقف کي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو ۽ وائيٽ هائوس سان گڏجي رستو ڪڍڻو پوندو، جيترو جلدي ايترو بهتر.
واضح رهي ته تازن هفتن ۾ آمريڪا ۽ ڀارت جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ ان وقت وڌي، جڏهن ٽرمپ انتظاميا روسي تيل جي خريداري تي ڀارت تي ٽيڪس لاڳو ڪيا.
هوڏانهن ڀارت آمريڪا جي ان فيصلي کي غير منصفاڻو ۽ غير ضروري قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.