ڪرڪيٽ ميچ دوران اوور نه ڏيڻ تي فائرنگ ۾ ٻه ڀائر مارجي ويا

گجرات (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي گجرات ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران اوور نه ڏيڻ تي فائرنگ ۾ ٻه ڀائر مارجي ويا.
پوليس موجب واقعو هڪ هفتو اڳ پيش آيو هو، ڪرڪيٽ ميچ دوران اوور نه ڏيڻ تي تڪرار ٿيو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار اوور نه ڏيڻ تي ڪپتان فاخر اقبال، سندس ڀاءُ ۽ مامي تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽيم جو ڪپتان ٿڏي تي مارجي ويو هو، جڏهن ته سندس ڀاءُ ۽ مامي کي اسپتال نيو ويو هو.
اڄ فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ ٻيو نوجوان به فوت ٿي ويو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.