ڪينگروز کي سيريز هارائڻ کانپوءِ هوش اچي ويو، آخري ميچ ۾ پروٽيز کي عبرتناڪ شڪست

ڪوئينزلينڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي 276 رنسن جي وڏي مارجن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي.
آخري ون ڊي ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي ڪينگروز مقرر اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 431 رنسن جو جبل جيڏو اسڪور ٺاهيو.
ٽريوس هيڊ 142، ڪيمرون گرين 118، ڪپتان مچل مارش 100 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ايليڪس ڪيري 50 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم 24.5 اوورن ۾ 155 رنسن تي ڍير ٿي وئي، بريوس 49، ڊي زورزي 33 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
آسٽريليا طرفان ڪوپر ڪونولي 5، سين ايبٽ ۽ بارٽليٽ 2-2، جڏهن ته زمپا هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته 3 ميچن جي سيريز 1-2 تان ڏکڻ آفريقا جي نانءِ رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.