ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وڪيل عدالت مٿان بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڪيس ٻي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، ميرپورماٿيلو ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي دهشتگردي عدالت ۾ ٻڌڻي، فريادي ڌر جو يعقوب گڏاڻي وڪيل سميت پيش ٿيو، پوليس جوابدار اصغر لنڊ کي عدالت ۾ پيش ڪيو جوابدار ڌر جو وڪيل به پيش ٿيو، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وڪيل ڪيس ٻي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، عدالت ٻاهران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ڪيس جي وڪيل صلاح الدين پنھور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي عدالتن جو احترام آهي پر پوليس شهيد صحافي جي ڪيس ۾ جيڪو ڪجهه ڪندي رهي سڀني جي سامهون آهي، هن چيو ته سسٽم کي ملوث ڪري شهيد جو ڪيس ختم ڪرايو ويو ڪيس ۾ 3 جاچ آفيسر تبديل ڪري خالد لنڊ ۽ ان جي پٽن نورمحمد ۽ شهباز لنڊ جا نالا خارج ڪيا ويا، ايڊووڪيٽ صلاح الدين پنھور چيو ته اسان کي هن عدالت تي اعتماد ناهي، شهيد جي ڪيس کي ڪنهن ٻي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ اسان درخواست داخل ڪئي آهي جتي پريشر نه هجي ڌمڪيون نه ملن فيئر ٽرائل ٿئي ان ڪري اسان شهيد جو ڪيس ٻي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، جج صاحبان پاڻ اعتراف ڪيو انهن کي ڪيتريون آفرون ڏنيون ويون اهڙي صورتحال ۾ اسان کي هتي عدالت تي اعتماد ناهي ڪيس ٻي ڪنهن عدالت ۾ منتقل ڪيو وڃي، ٻئي طرف جوابدار ڌر جي وڪيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 27 تاريخون ٿيون آهن فريادي پيش نه ٿا ٿين رڳو اڄ عدالت ۾ پيش ٿي ڪورٽ تي بي اعتمادي ڪئي اٿن ائين ڪرڻو هو ته اڳ ئي ڪن ها جوابدار ڌر جي وڪيل وڌيڪ چيو ته رڳو ڪيس کي ڊگهو ڪرڻ ائين ڪيو پيو وڃي هي ڪيس ام رباب جي ڪيس وانگر پوري سنڌ رلندو ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي ڪيس هليو ويو تنهن ڪري لنوايو پيو وڃي ڪيس کي ڊگهو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي هوڏانهن عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.