برساتون، معاشي نقصان ۽ متاثر آبادگار !

تحرير: غلام حسين لغاري

هن سال ملڪ توڙي سنڌ ۾ برساتن پوڻ ۽ طوفانن لڳڻ جو سلسلو مند کان هٽي ڪري گهڻو اڳ ۾ شروع ٿيو جنهنڪري زراعت کي به ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي جنهن سان سنڌ جي زرعي پئداوار کي ته نقصان پهتو آهي پر آبادگارن به گهڻو ڪجهه لوڙيو آهي جن جي انبن ۽ کجي جي باغن کي توقع کان وڌيڪ نقصان ٿيو جن جو ڪچو توڙي پڪل ميوو پٽ کان اڳ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو۔برساتن جي نقصان سبب هن سال انب ۽ کجور پرڏيهه واپار لاءِ به گهٽ موڪلي وئي جنهن سان به پرڏيهي ناڻي ڪمائڻ وارو سلسلو متاثر ٿيو آهي۔ملڪ اندر به هن سال انب ۽ کجور جا اگهه چوٽ تي چڙهيل رهيا جيڪي عام ماڻهو جي قوت خريد کان مٿي هئا۔سنڌ ۾ جتي هيٺاهين وارا علائقا آهن خاص ڪري لاڙ ميرپورخاص سانگهڙ ۽ نوبشاهه ضلعن۾ ساريال ۽ وونئڻن جو فصل متاثر ٿيو آهي جتي ڦٽين جا چونڊا جاري هئا يا وري چونڊن جي ويجهو فصل هو۔برساتن جي مند جاري آهي چيو وڃي ٿو ته سيپٽمبر جو مهينو به برسات پوندي جنهن کانپوءِ ئي نقصان جو اندازو لڳائي سگهبو بهرحال سنڌ جو زراعت کاتو ۽ روينيو کاتو سروي ڪري رهيو آهي جن جي رپورٽ اچڻ بعد ئي نقصان جو ڪاٿو لڳائي سگهبو۔ ڪڻڪ جي آبادگارن جو حشر ته پنهنجي جاءِ تي پر وونئڻن جي آبادگارن جو حال به ڪجهه ابتر ئي آهي جن جو فصل سانوڻي جي برساتن ڪري بري طرح متاثر ٿيو آهي ۽ برساتون انوقت پيون آهن جڏهن ڦٽين جا چونڊا ٿي رهيا هئا يا ٿيڻ تي هئا۔نقصان جو ڪاٿو ۽ انجا انگ اکر تڏهن ئي سامهون اچي سگهن ٿا جڏهن زراعت کاتو سروي ڪري ۽ رپورٽ ظاهر ڪري البته آبادگارن جي پنهنجي سروي موجب برساتن سبب سندن فصل کي اڌ تي اڌ نقصان پهتو آهي۔سانگهڙ ميرپورخاص عمرڪوٽ ضلعن ۾  ڦٽين جا لڳ ڀڳ ٽي سئو ڪارخانا آهن جن به هڪ هٽي ڪري ڦٽين جا اگهه في مڻ پنجويهه سئو رپيا گهٽائي ڇڏيو آهي جنهن به آبادگارن کي ڪاپاري نقصان رسايو آهي۔برساتن سبب ڦٽين جي پئداوار گهٽهڻ ڪري ۽ غير معياري لهڻ ڪري پرڏيهه روانگي واپار به گهٽ ٿي سگهي ٿو جنهن سان به پرڏيهي ناڻو گهٽ ڪمائي سگهبو۔جيتريقدر ڦٽين جي ڪارخانن جي هڪ هٽي ۽ گهٽ اگهه ڏيڻ جو سوال آهي ته لاڳاپيل ادارا ڪاٽن ائڪٽ تي عمل ڪهڙي سبب نٿا کڻن ۽ ضروري قانوني ڪارروائي ڇو نٿا ڪن۔ڪاٽن ائڪٽ کي فعال بنائڻ سنڌ جي وزير زراعت جو ڪم آهي جنهن کي ترت قدم کڻڻ گهرجن ڇاڪاڻ هڪ ته وونئڻن جو فصل برساتن سبب تباهه ٿيو آهي ۽ مٿان وري ڪارخانا به مقرر اگهه نه ڏين آبادگارن سان سراسر ناانصافي آهي۔

ساڳي ريت ان ڳالهه جو به خيال ڪيو وڃي ته ٻج ڀاڻ ۽ زرعي دوائون سرڪاري ۽ رعايتي اگهن تي وڪرو ٿين ڪنهن به قسم جي گهوٻي نه لڳي سگهي۔ حڪومت بينظير هاري ڪارڊ تحت اهي سموريون سهولتون آبادگارن تائين پهچائي، اهڙي طرح هن سال پيل برساتن سبب جن به آبادگارن جو نقصان ٿيو آهي انهن کي معاوضو ڏنو وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.