ڪراچي( رپورٽر ) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ڪالهه هڪ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ جاري برساتن ۽ درياءَ سنڌ ۾ پاڻي جي وڌندڙ وهڪري جو تفصيلي جائزو ورتو ويو چيف سيڪريٽري سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته ممڪن هنگامي صورتحال لاءِ هر وقت الرٽ رهن ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائين، چيف سيڪريٽري حڪم ڏنو ته سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا وڃن ته جيئن برساتن ۽ وهڪرن جي صورتحال جي نگراني ۽ تڪڙا قدم کنيا وڃي سگهن، ساڳي وقت آبپاشي کاتي کي درياءَ سنڌ جي حفاظتي بندن تي پيچنگ ۽ مرمتي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي، بلوچستان ۾ برساتن جو سڌو اثر سنڌ جي هيٺانهين وارن علائقن، خاص طور تي دادو ۽ ڄامشوري تي پئجي سگهي ٿو، تنهن ڪري انهن ضلعن ۾ خاص انتظام ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي مشڪلاتن کان بچائي سگهجي.