اسلام آباد/لاهور (عمران شفقت) چين جي پرڏيهي وزير جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ آرمي چيف به موجود هو پر بعد ۾ چين جي پرڏيهي وزير جي آرمي چيف سان ون آن ملاقات ٿي آهي. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جو طاقت جي ڍانچي ۾ اهم ڪردار آهي، نه رڳو اندر جي دنيا پر ٻاهرين دنيا کي به خبر پئجي وئي آهي ته جيڪڏهن اوهان کي پاڪستان ۾ ڪجهه ڪرڻو آهي ته اصل ضمانت اوهان کي ڪٿان وٺڻي آهي. ٻئي پاسي اهڙي ملاقات جي خبر روايتي هوندي جنهن ۾ سڀ ڳالهيون ناهن ٻڌايون وينديون.