اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان بيورو براءِ شماريات جي هفتيوار رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ هفتيوار بنيادن تي 0.01 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي، جڏهن ته سالن جي بنياد تي 2.30 سيڪڙوواڌ ٿي آهي، رپورٽ موجب 21 آگسٽ تي ختم ٿيندڙهفتي ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو ڪاٿو 329.1 پوائنٽس رهيو، جيڪو گذريل هفتي جي 329.15 پوائنٽس جي مقابلي ۾ ٿورو گهٽ آهي، گذريل هفتي دوران 8 شين جا اگهه گهٽيا، 25 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، جڏهن ته 18 ضروري شين جون قيمتون وڌي ويون، بجلي جي قيمت ۾ 9.01 سيڪڙو، ڊيزل 4.46 سيڪڙو، مڱن جي دال 1.71سيڪڙو، پٽاٽا 1.15 سيڪڙو، ڪيلو 0.92 سيڪڙو، ماش دال 0.88 سيڪڙو، چڻن جي دال 0.66 سيڪڙو ۽ دال مسور 0.45 سيڪڙو گهٽجي ويون، ٽماٽن جي قيمت ۾ 19.87 سيڪڙو، بصر 10.85 سيڪڙو، اٽو9.38 سيڪڙو، ڪڪڙ 3.63 سيڪڙو،ايل پي جي 1.39 سيڪڙو، کنڊ 1.20 سيڪڙو، ڳڙ 0.82 سيڪڙو، آنا0.73 سيڪڙو مهانگا ٿيا.