اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آخر ڪيستائين وفاقي ۽ صوبي حڪومتون غيرقانوني اڏاوتن سبب ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪنديون رهنديون؟ قدرتي آفت سان گڏ انساني غلطيءَ جي ڪا به گنجائش ناهي. ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ ٻيهر تعمير جو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين سڪون سان نه ويهنداسين. بحاليءَ جا ڪم دل ۽ جان سان جاري رکڻا پوندا، جيستائين اهو مڪمل نه ٿي وڃي. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تازو ڏينهن ۾ طوفاني برساتن سبب دريائن ۾ چاڙهه آيو آهي، سوات، صوابي، مانسهره، شانگله ۾ وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي. خيبرپختونخوا ۾ بادل ڦاٽڻ سبب فليش فلڊنگ کانپوءِ وڏي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته برساتن کان متاثر علائقو بونير جو دورو ڪيو، جتي تمام وڏو نقصان ٿيو. آفت جي هن گهڙيءَ ۾ وفاق صوبي سان گڏجي ڪم ڪيو، وفاقي وزيرن به امدادي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو. جيستائين بحالي ۽ ٻيهر تعمير جو ڪم مڪمل نه ٿو ٿئي، تيستائين آرام سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته برساتن سبب فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن کي معاوضا ڏنا پيا وڃن، پاڪ فوج به امدادي ڪمن ۾ ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪري رهي آهي. بونير جي دوري دوران آرمي چيف به موجود هئا. وزيراعظم ٻڌايو ته 2022ع ۾ به هڪ وڏي آفت آئي هئي، جنهن جو سڀ کان وڏو اثر سنڌ تي پيو، پوءِ بلوچستان، ڪي پي ۽ پنجاب جا ڪجهه علائقا به متاثر ٿيا، پر سڀ کان وڌيڪ تباهي سنڌ ۾ آئي. ان وقت صرف 100 فوتگيون ٿيون، پر هن ڀيري پوري پاڪستان ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن، جن مان 400 کان وڌيڪ صرف خيبرپختونخوا مان آهن. وزيراعظم چيو ته موسمي تبديليءَ جي صورتحال ۾ ذميواريون وڌيڪ وڌي ويون آهن. 3 ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ تباهه ڪن برسات ٿي، جنهن تي مان سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان فون تي همدردي جو اظهار ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف سوال اٿاريو ته آخر ڪڏهن تائين وفاقي ۽ صوبي حڪومتون غيرقانوني اڏاوتن سبب ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪنديون رهنديون؟ هن چيو ته هو جلد هڪ اجلاس گهرائڻ وارو آهي، جتي اهو فيصلو ڪيو ويندو ته دريائن جي وچ ۾ جيڪي اڏاوتون ٿيل آهن، چاھي هوٽل هجن، ريسٽورينٽ يا گهر، انهن کي هٽايو وڃي. وزيراعظم چيو ته چوندا آهن ته خوبصورتي ڏيکاري وڃي، پر اوهان کي اهڙي خوبصورتي گهرجي، جنهن ۾ انساني زندگيون محفوظ رهي سگهن. وزيراعظم چيو ته گليات اهو علائقو هو، جتي ڪو به هڪ وڻ نه ڪٽي سگهيو ٿي، پر اڄ اتي ايتري ڪاٺ ڪٽي ۽ اڏاوتون ٿي ويون آهن جو دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي. هن چيو ته قدرتي آفت سان گڏ انساني هٿ سان پيدا ڪيل آفت جي ڪا گنجائش نه آهي. ان سلسلي ۾ سڀني کي گڏ ويهڻو پوندو.