قومي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نفرت جون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن: قومي عوامي تحريڪ

حيدرآباد/ پيارو اسٽيشن (نمائندا) پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي 18ھين ڏينھن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ نذير بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، راول سيال، راجا چانڊيو، چيتن ڪمار، جمن سولنگي، نور حسن جمالي جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، پيارو اسٽيشن ۾ ايڊووڪيٽ مير کوسو، ايڊووڪيٽ سومر چانڊيو، اصغر رند، پنھل سولنگي، سڄڻ سيٽائي جي اڳوڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ماڻھو نفرت ۽ تعصب جي سياست کي رد ڪن ٿا. قومي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نفرت جون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن. ٻي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جا ماڻھو پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت مان اميد ڪرڻ بدران سنڌو درياھ، زمينن، وسيلن ۽  پنھنجي حقن لاءِ ۽ خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن، اصل طاقت پورھيت، ھاري ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌ جا ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن. سنڌ ۾ حڪومت بدران مافياز جو راڄ آھي. منشيات، ڦورو، ڌاڙيل، لينڊ گريبر، نقلي دوائون، نقلي ڀاڻ، نقلي ٻج، کاڌي پيتي جي شين ۾ ڪيميڪل جي ملاوٽ ڪندڙ ۽ ٻي مافيا ايتري طاقتور آھي جو انھن خلاف ڪير به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ڪندڙن کي وزيرن جي سرپرستي حاصل آھي، سرڪاري آفيسن ۾ ڪرپٽ مافياز آھي، جيڪو جيترو طاقتور آھي اھو پنھنجي مرضي جا قانون ٺاھي ويٺل آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.