اسلام آباد (اسد طور) چين جو پرڏيهي وزير پاڪستان آيل آهي، هن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ڏسجي ٿو ته وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير شريڪ آهن. ٻئي پاسي وزيراعظم آفيس جي پريس رليز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف جو سهڪار نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ڪابينا جي سينيئر ميمبرن ڪيو. هن پريس رليز ۾ محسن نقوي جو نالو ناهي لکيو ويو رڳو سينيئر ڪابينا ميمبر ڄاڻايو ويو آهي. ظاهر آهي ته محسن نقوي سان ن ليگ کي ڪاوڙ آهي، کين خبر آهي ته اسٽيبلشمينٽ اسان جي جاءِ تي جيڪو نظام آڻڻ چاهي ٿي ان ۾ محسن نقوي وزيراعظم بڻجندو ۽ هن حڪومت ۾ به جيڪو اختيار آهي اهو محسن نقوي وٽ آهي. چيني پرڏيهي وزير ۽ اسحاق ڊار جڏهن ميڊيا سان ڳالهايو ته سرڪاري ٽي وي جي صحافي چٺيءَ تان ڏسي سوال ڪيو ۽ اسحاق ڊار ان جو جواب به چٺيءَ تان پڙهي ڏنو. صحافي عباس ناصر جي ٽوئيٽ موجب، هن اهو پهريون ڀيرو ڏٺو آهي ته سوال به چٺي تان ڪيو ويو ۽ جواب به چٺيءَ تان ڏنو ويو. يعنيٰ اسحاق ڊار کي اها به اجازت نه هئي ته هو پنهنجا ويچار ونڊي. ان مان اوهان نظام جي حالت سمجهي سگهو ٿا، اهو حتمي مرحلي ڏانهن وڌي رهيو آهي، ن ليگ ۽ پ پ کي حڪومت ڏئي خودڪشي ڪرائي وئي آهي، پي ٽي آءِ کي دٻايو ويو آهي ۽ نظام هلائڻ وارن لاءِ ميدان صاف آهي. نظام کي هائبرڊ نظام چوڻ به عوام سان ڪوڙ ڳالهائڻ آهي ۽ گمراهه ڪرڻ آهي. نظام وارا ايترا ڊنل آهن جو عمران خان جي ضمانت تي مٺائي ورهائيندڙ پيءُ ماءُ ۽ انهن جي ننڍڙن ٻارن کي گرفتار ڪرايو ويو. جنهن ڏينهن ذري به چڻنگ اٿي ته نظام ڍير ٿي ويندو، اهو وقت پري ناهي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو